بيجنگ – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزي?? مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان جي پاڙيسري مل??ن جي ٽئين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ چين پهچي ويو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ افعانستان بابت خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ آهن. هوانگ شن عالمي ايئرپورٽ پهچڻ تي چين ۾ مقرر پاڪستاني سفير ??عي?? الحق ۽ چيني پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري ۾ افغانستان جي پاڙيسري مل??ن جي ٽئين اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي وزير پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ??نهنجي اهم خطاب ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ ۽ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڏيندو. چين ۾ منعقد افغانستان جي ويجهي پاڙيسري مل??ن جي ٽئين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير چين، روس، ايران ۽ ٻين مل??ن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.