اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ??نهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي لاءِ ??رعزم آهي، پاڪستان جي لاءِ ??ستحڪم ۽ پرامن افغانستان انتهائي اهميت رکندڙ آهي، افغانستان مان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو ب??ائڻ جا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن افعانستان بابت خصوصي نمائندي ايمبيسڊر محمد صادق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايڊيشنل سيڪريٽري افعانستان عامر آفتاب قريشي ۽ ڊي جي افغانستان آصف ميمڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. افغانستان بابت خصوصي نمائندي ايمبيسڊر محمد صادق افغانستان ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني. حنا رباني کر ان موقعي تي چيو ته افغانستان مان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ جا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان جي آزادي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪري ٿو، پاڪستان جي لاءِ ??ستحڪم ۽ پرامن افغانستان انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ??نهنجون ڪوششون جاري رکندو.