اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف ان??ور??س ڪارپوريشن آف پاڪستان کي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنم??نٽ ملتان جي فائر مين جي بيواهه کي منافعي سان گڏ گروپ ان??ور??س ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو آهي ته ملازم جون 2016ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، بيواهه کي ان??ور??س جي انتظار ۾ 6 سال ٿي ويا ??قم ناهي ملي، تڪليف ۽ اذيت کانسواءِ وقت سان گڏ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي ويندي، صدر وفاقي محتسب جو فيصلو بر??رار رکندي حڪم ڏنو آهي ته اسٽيٽ لائيف ان??ور??س ڪارپوريشن آف پاڪستان بيواهه کي منافعي سان گڏ ان??ور??س جي ??قم ادا ڪري، صدر وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف اسٽيٽ لائيف ان??ور??س ڪارپوريشن جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر چيو ته 12 مارچ 2008ع تي لوڪل گورنم??نٽ ۽ اسٽيٽ لائيف جي وچ ۾ گروپ ان??ور??س جو معاهدو ٿيو هو، پنجاب حڪومت جو 60 سال کان گهٽ عمر هر ملازم پريميم جي ادائيگي سان مشروط بيمه شده آهي، فوتي فائر مين سروس دوران پنهنجي بينادي پي اسڪل موجب مهينو پريميم به ادا ڪيو، بيواهه جي دعويٰ جي حق ۾ سڀئي گهربل دستاويز به موجود آهن، جڏهن ته وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف فيصلي لاءِ ڪو ٺوس سبب موجود نه آهي، شڪايت ڪندڙ کي گروپ ان??ور??س معاهدي موجب ان??ور??س ڪليم ادا ڪرڻ ان??ور??س ڪمپني جي ذميداري آهي.