اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومن جي ت??مير ۾ ادارن جو ڪردار اهم آهي، ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ جديد علم تائين پهچڻ جو ذريعو آهي، علم کي حاصل ڪرڻ جي گهرج تيزي سان وڌي ??هي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فيصل ايئر بيس ڪراچي ۾ 35 هين ايئر وار ڪورس جي گريجو??يش?? تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته دنيا جو هر مسئلو مشاورت سان حل ٿي سگهي ٿو، عزم ۽ جذبي سان قومون ٺهنديون آهن، افرادي قوت قومي ت??قي جي سيڙهي آهي. هن چيو ته جمهوريت ج??ن علمبردار قومون پناهگيرن جي معاملي ۾ غيرسنجيده آهن، تعصب کان مٿانهون ٿي ت??قي جون منزلون طئي ڪري سگهجن ٿيون، مسلمان امت اخلاقي قدرن تي يقين رکي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي بنا ڪنهن ??نگ?? نسل جي فرق کانسواءِ مظلومن جي حمايت جاري رکڻي پوندي. ترقي کي حاصل ڪرڻ ۾ انسانيت ج?? پهلو مٿانهون هجڻ گهرجي. هن چيو ته قومون حادثاتي طور تي ت??قي ناهن ڪنديون، ان جي لاءِ ڊگهي جدوجهد لازمي آهي. مصنوعي ذهانت ج??ڙي علم سان هم آهنگ ٿيڻ وقت ج?? ضرورت آهي. تقريب دوران صدر گريجوئيٽ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. گريجوئيٽ ٿيندڙن ۾ 70 آفيسر ۽ دوست ملڪن جا 18 آفيسر شامل آهن جن ۾ سعودي عرب، بنگلاديش، سريلنڪا، انڊونيشيا، ملا??يش??ا، شام ۽ يمن جا به آفيسر شامل آهن.