اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪشمي?? جي اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن پاڪستان پاران جمعي ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي طور تي ملهائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ويبينار جو اهتمام ڪشمي?? جي حامي گروپن ڪيو هو ۽ ان کي ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ پاڪستان جي ناليوارين شخصيتن خطاب ڪيو. ان موقعي تي مقررين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلي جي ڪڌي ڀارتي راند جي مذمت ڪئي ۽ تنبيهه ڪئي ته جيڪڏهن مودي جي آبادڪاري جي منصوبي کي نه روڪيو وي?? ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ک?? نقصان پهچي سگهي ٿو. هنن چي?? ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته ڪشميري فسطائي ڀارتي حڪومت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدم کي رد ڪن ٿا ۽ اهي آزادي جي جدوجهد کي سمورين مشڪلاتن جي باوجود منطقي انجام تائين پهچائيندا. هنن ڄمون ۽ ڪشمي?? جي خصوصي حيثيت جي خاتمي کي گڏيل قومن تي چماٽ قرار ڏنو جنهن ڄمون ۽ ڪشمير کي تڪراري علائقو قرار ڏئي رکيو آهي ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان ڪيتريون ئي قرردادون پاس ڪيون آهن. ويبينار کي خطاب ڪندڙن ۾ عبدلرشيد ترابي، ڊاڪٽر محمد نفيس ذڪريا، نجم ثاقب، مختار احمد بابا، ايڊووڪيٽ نبيلا ارشاد، راجا محمد سجاد خان ۽ بلال شڪي شامل هئا.