اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جو ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن جاري، متاثر علائقن مان 50 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي ??نت??ل ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر مطابق ڪي پي ڪي لاءِ آرمي فلڊ ڪنٽرول هي??پ لائن 1125 ۽ ٻين علائقن لاءِ 1135 هي??پ لائن فعال آهي، شهري ڪنهن به مدد لاءِ ايمرجنسي نمبرن تي رابطو ڪري سگهن ٿا. پاڪ فوج جي 157 هيليڪاپٽرز 1087 ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو. آرمي ايوي ايشن ذريعي 72 ٽن ام??ادي سامان پهچايو ويو، جڏهن ته متاثر علائقن مان 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي ??نت??ل ڪيو ويو. مختلف ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 51 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو ۽ـ مفت دوائون فراهم ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ ام??ادي سامان جمع ڪرڻ لاءِ 221 رليف پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. انهن پوائنٽس تي 1231 ٽن ام??ادي شيون جنهن ۾ غذائي شيون ۽ دوائون شامل آهن جيڪي متاثر علائقن کي پهچايون پيون وڃن. ايف ڊبليو او نيشنل ها??ِ وي اٿارٽيز سان ملي ڪري قراقرم ها??ِ وي ۽ جگلوٽ اسڪردو روڊ کي وقت سر بحال ڪيو. سنڌ ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن کي وڌائڻ لاءِ اضافي انجنيئر ۽ طبي عملو ڪراچي ??نت??ل ٿي ويو آهي.