اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان جي دو??ي تي آيل ترڪيه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو، ترڪيه جي ماحوليات، اربنائيزيشن ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير مرات ڪورم، ترڪ ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي چيئرمين، ترڪ گهٽ لاڳت هائوسنگ ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ان سان گڏ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو ??ظه??ر ڪرڻ تي صدر رجب طيب اردوان جا دل سان ٿورا مڃيا ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ ۽ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه جي پاڪستان سان تعاون جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم ان ڳالهه کي خوش آئنده قرار ڏنو ته صدر اردوان جي فون ڪال جي فوري پوءِ ترڪيه ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ خيما، کاڌي پيتي جون شيون، دو??ئون ۽ هنگامي امدادي سامان جي صورت ۾ پاڪستان کي امداد موڪلي. هيستائين 11 ترڪ فوجي جها?? ۽ 2 سامان سان ڀريل ٽرينون پاڪستان روانو ٿي چڪيون آهن. وزيراعظم 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ دو??ان ترڪيه پاران پاڪستان جي لاءِ مدد جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترڪيه ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ دل آهن ۽ انهن ??دائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. وفد کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ملڪ ۾ غذائي عدم تحفظ جو خطرو آهي ڇو ته ٻوڏ سبب لکين ايڪڙ تي فصل تباهه ٿي ويا آهن. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي مرحلي، ماڻهن ??ي روزگار جي نقصان، خوراڪ جي کوٽ ۽ سماجي ۽ اقتصادي عدم تحفظ جي ڪري پيدا ٿيندڙ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ترڪيه جي ڀرپور تعاون جي اميد جو ??ظه??ر ڪيو. ترڪ گهرو وزير سليمان سوئيلو پاڪستان ۾ تازي چوماسي ۽ ٻوڏ دو??ان قيمتي جاني جي زيان ۽ قيمتي ملڪيتن جي تباهي تي صدر اردوان سان دلي تعزيت جو ??ظه??ر ڪيو. هن ??ن ڳالهه تي زور ڏنو ته ترڪيه ٻوڏ متاثرين کي زميني ۽ فضائي رستن سان امداد فراهم ڪرڻ جو انتظام ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جمعي جي نماز دو??ان ترڪيه ۾ ماڻهو پنهنجي پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ دعا ڪندا ۽ وڌيڪ تعاون پڻ فراهم ڪندا. ترڪ وزير چيو ته صدر اردوان جي هدايتن موجب ترڪيه جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ لاڳاپيل ادارا پاڪستان جي ضرورتن موجب وڌيڪ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. گهرو وزير سوئيلو جي قيادت ۾ ترڪيه جو وفد ملڪ ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي ۽ حمايت جي ??ظه??ر طور پاڪستان جو دو??و ڪري رهيو آهي. وفد ٻوڏ کان متاثر علائقن جو فضائي پڻ دو??و ڪندو.