اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث بخش پاشا چيو آهي ته ??لينيم ڊولپمينٽ گولز ۾ صحت، تعليم، هنرمندي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، پاڻي جي نيڪالي اهم موضوع آهن، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي بهتر تعليم ۽ هنر سيکارڻو پوندو، ترقي جا ثمر غريب طبقي ت??ئين نه پهچائڻ بدقسمتي آهي، اسان کي زراعت ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي ت??قي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. بين الپارلياماني يونين جي سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته ??اڪستان جي آبادي جو 65 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان کي پنهنجي نوجوانن جي لاءِ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، نجي شعبي سميت هر شعبي کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، انساني وسيلن تي سيڙپڪاري اسان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته ??اڪستان ۾ هن وقت اسان ٻوڏ سان سڀ کان وڏي پئماني تي ت??اهي جو شڪار آهيون، 3 ڪروڙ 30 لک ??اڻ??و ان کان متاثر آهن، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تباهه ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته ??ن وقت ٻوڏ کان متا??ر علائقن ۾ 6 لک کان وڌيڪ عورتون حاملا آهن جن مان 75 هزار وٽ هن ئي مهيني ٻار جي پيدائش متوقع آهي، ان جي لاءِ طبي سهولتون گهربل آهن. هن چيو ته ??لڪ ۾ ٻڌڻ کان محروم ??اڻ??ن جي لاءِ آواز بڻجڻ جي ضرورت آهي، بدقسمتي سان ترقي جا ثمر غريب طبقي ت??ئين نه پهچي سگها، ايشيائي خطي جو ٽيون حصو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي، اڄ هڪ سٺو موقعو آهي ته غربت جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ايشيائي خطي ۾ 70ع جي ڏهاڪي ۾ غيرمعمولي ت??قي ٿي.