اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??اڪ فوج جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هر م??ڪل ۽ آزمائش ۾ پاڪستاني فوج جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. هن چيو ته حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ ملڪ ۽ قوم جا محسن آهن، سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي انهن جي عظيم قربانين تي سلام پيش ڪري ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزي?? شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن ??ي بلندي لاءِ دعا ڪئي.