شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ج??من?? سان واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبديلي ۽ قابل تجديد توانائي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ج??من?? کي مختلف شعبن ۾ ن??جو??نن کي موقعا ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر تعاون ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه ج??من?? جي چانسلر اولاف شولز سان ماحولياتي سربراهه اجلاس ڪوپ – 27 جي موقعي تي ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ تعاون کي وڌائڻ جي امڪانن تي غور ڪيو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم جرمن عوام جي عزم کي ساراهيندي ج??من?? سان واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبديلي ۽ قابل تجديد توانائي سميت گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي ن??جو??ن آبادي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ج??من?? کي مختلف شعبن ۾ ن??جو??نن کي موقعا ڏيڻ جي لاءِ وسيع تعاون ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ج??من?? پاران پاڪستان کي سالن کان ڏني ويندڙ فني تربيت تي ٿورا مڃيندي ڄاڻ جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن يورپي يونين ۾ جي اي?? پي پلس حيثيت جي لاءِ حمايت تي ج??من?? جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند آهي. وزيراعظم چيو ته حدت جو سبب بڻجندڙ گئسن جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ ڪردار هجڻ جي با??جو?? پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ايندڙ قدرتي آفتن کان سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هن پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي سان ايندڙ تازي ٻوڏ کانپوءِ ج??من?? پاران پاڪستان جي امداد تي ج??من?? جا ٿورا مڃيندي جرمن چانسلر کي حڪومت جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماحولياتي تبديلين جي مسئلي خاص طور تي ڪلائميٽ جسٽس ۽ انهن تبديلين جي نتيجي ۾ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوپ – 27 کي دليراڻا فيصلا ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم خطي جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ج??من?? سميت غيرملڪي حڪومتن جي درخواست تي افغانستان مان انخلا جي لاءِ سهولت فراهم ڪندو رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي صورتحال جي ڏس ۾ عالمي برادري جي افغان عبوري حڪومت سان مسلسل ڳالهه ٻولهه انتهائي اهميت رکندڙ آهي. جرمن چانسلر افغانستان ۾ نمائنده حڪومت ۽ انساني حقن جي احترام جي پنهنجي موقف کي ورجايو. وزيراعظم جرمن چانسلر جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير طرف ڇڪرائيندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي.