اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪوپ – 27 جي هائي ليول سيگمنٽ سعودي گرين انيشي ايٽو کي خطاب ڪيو ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي وڌندڙ آلودگي تي ضابطو آڻڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ گرين پاڪستان پروجيڪٽ جي نمايان خصوصيتن کي اجاگر ڪيو جيڪو گرين فيوچر (ماحول دوست مستقبل) طرف سفر جي شروعات آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي عرب ??ي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود ??ي وچ ۾ ”ڪوپ – 27“ سمٽ جي موقعي تي ملاقات پڻ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ ٻنهي اڳواڻن ??ي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون.