اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ??لو?? چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي تازي سربراهه اجلاس کي موسمياتي تبديلي سان ملڪ ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن، ٻوڏ کان متاثر علائقن جي صورتحال، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان دوري پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن خاص طور تي پاڪستان ۾ ان سان ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪ??و. ??ن چيو ته سربراهه اجلاس وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه، گڏيل ڳڻتي جي ٻطرفي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ فراهم ڪ??و. ??زيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، سعودي عر?? جي ولي عهد ۽ جرمن چانسلر سان پڻ ملاقاتون ڪيون جڏهن ته هن بحرين ۽ ڪويت جي ولي عهد، ايسٽونيا، تاجڪستان، عر??ق، گڏيل عر?? امارات ۽ يورپي ڪائونسل جي ص??رن سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان دوران بيلجيئم، هالينڊ، ناروي، اسپين، لبنان جي وزيراعظمن ۽ انڊونيشيا جي نائب صدر سان گڏوگڏ عر?? ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير، موسمياتي تبديلي واري وزير، ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير شرڪت ڪئي.