اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهيدن جي خلاف مهم، ميڊيا ۽ سياسي مخالفن تي ظلم ڪرڻ وارو شخص شهباز شريف کي نه ٻڌائي ته ڪشمير تي ڇا ڪرڻو آهي. عمران خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم اورنگزيب چيو ته بي شرم، ن??لائق، ن??اهل، چور، ڪشمير فر??ش جو مذهب ڪارڊ فيل ٿي ويو، عمران خان گورننس، معيشت، پرڏيهي لاڳاپا تباهه ڪيا، ان جو احتساب بيانيو پڻ ناڪام ٿيو، عمران خان جو آمريڪي سازش جو بيانيو د??ن ٿي ويو آهي. هن چيو ته عمران خان فارن ايجنٽ، هيرن ۽ توشه خانه جو چور آهي، شهيدن جي خلاف مهم ميڊيا ۽ سياسي مخالفن تي ظلم ڪرڻ وارو شهباز شريف کي نه ٻڌائي ته ڪشمير تي ڇا ڪرڻو آهي.