اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي ۽ حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. وفد پاران حڪومت کي توانائي جي بچت جي مختلف قدمن تي تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان جي موجوده معاشي ۽ ڪاروباري صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي 5 رڪني وفد ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? ملاقات ڪئي. وفد جي ??رب??اهي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين محمد اورنگزيب ڪئي. وفد حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪندي وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته پاڪستان بزنس ڪائونسل ملڪي معيشت جي مڪمل بحالي جي لاءِ حڪومت سا?? گڏ بيٺل آهي. وفد معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ مفيد تجويزون ڏنيون، جن جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي مجرماڻي غفلت سا?? گذريل 4 سا??ن دوران ملڪي معيشت جي ناقابل تلافي نقصان پ??تو. جڏهن اسان جي اتحادي حڪومت قومي خدمت جي جذبي تحت مل?? جون واڳون سنڀاليون ته ملڪي معيشت تباهي جي ڪناري تي بيٺل هئي، اسان هر شعبي ۾ ڀرپور محنت ۽ لڳن سا?? ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ملڪي معيشت کي تباهي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو ذمو کنيو. وزيراعظم حڪومت جي ان عزم کي به ورجايو ته اها هر حال ۾ ڪاروباري طبقي جي تعاون ۽ عوام جي حمايت سا?? معاشي چئلينجن تي ضابطو آڻيندي. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سا??ڪ حسين، اقتصادي معاملن ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاونين طارق باجوه، ڊاڪٽر جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ايف بي آر جي چيئرمين عاصم احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.