اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مر??م اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مر??م نواز شريف خميس ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي سرگ??ڌا پهچندي جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مر??م نواز شريف سڀاڻي 24 فيبروري تي سرگ??ڌا ۾ تنظيمي اجلاس جي صد??رت ڪندي. اجلاس ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. مر??م نواز سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن ??ان به ملاقاتون ڪندي. واضح رهي ته مر??م نواز پهرين فيبروري کان تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي آهي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ڊويزن جا دورا ڪري چڪي آهي.