اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ه?? شعبي ۾ عورتن جي شموليت لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري ??هي آهي، پاڪستان جو آئين سمورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آهي، پارليامينٽ کي انتظامي معاملن ۾ بهتري ??ي لاءِ قانونسازي جو اختيار حاصل آهي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ عورت پارليامينٽرينز جي 18 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم پارليامينٽ ۾ عورت پارليامينٽرينز جي فعال ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عورتون پاڪستان جي آبادي جو 51 سيڪڙو آهن، قانونسازي ۾ عورتن جي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. حڪومت ه?? شعبي ۾ عورتن جي شموليت لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري ??هي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آهي. پارليامينٽ کي انتظامي معاملن ۾ بهتري ??ي لاءِ قانونسازي جو اختيار حاصل آهي. پنج??ب ۾ پنهنجي حڪومت جي دور ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا جن ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان قانونسازي پڻ شامل هئي.