اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ سڀني ادارن جي ماءُ آهي، جنهن جي توهين ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جي عوام جي پئسي جي اجازت رڳو عوام جو هي چ??نڊ??ل ايوان ڏئي سگهي ٿو، اسان ماضي ۾ به ڪنهن غيرآئيني قدم کي تسليم نه ڪيو اڄ به نه مڃينداسين، رڳو هڪ خط سان ڪم نه هلندو، هن ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي، ايوان جي استحقاق ڪميٽي ۾ توهين پارليامينٽ جي ڪارروائي ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 90 ڏينهن ۾ چ??نڊ??ن ڪرائڻ جي شق اسان ناهي ٽوڙي ڪنهن ٻئي ٽوڙي آهي. هن چيو ته هتي جن ميمبرن استعيفائون ڏنيون جن جون استعيفائون منظور به ٿيون ان تحت انهن جي سيٽن تي به ضمني چ??نڊ??ن ٿيڻيون هيون. پر عدالتن انهن کي منع ناما جاري ڪيا ۽ اه?? ضمني چ??نڊ??ن به 90 ڏينهن کان تمام گهڻو اڳتي هلي ويون. هن چيو ته ڪيترن ئي هفتن کان مل?? ۾ تماشو هلي رهيو آهي ۽ آئيني بحران پيدا ڪيو پيو وڃي. اسان تي اقليتي فيصلو مڙهيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان 90 ڏينهن جي اندر چ??نڊ??ن ڪرائڻ يا ڪنهن ٻئي تناظر ۾ آئين جي خلاف ورزي نه ٿا چاهيون، سپريم ڪورٽ آئين جي تشريح ڪ??ڻ جو اختيار رکي ٿي آئين ۾ ترميم ڪ??ڻ جو نه. پيپلزپارٽي 1973ع جو آئين ڏنو ۽ اسان 18 هين ترميم کانپوءِ آئين بحال ڪيو. اسان آئين وفاقي اڪائين کي ڳنڍڻ ۽ صوبن کي انهن جا حق ڏيا??ڻ جي لاءِ ٺاهيو. پارليامينٽ سڀني ادارن جي ماءُ آهي، ان جي توهين ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اه?? ادارو جنهن کي آئين جو تحفظ ڪرڻو آهي اه?? ڪيئن اه?? ڪري سگهي ٿو ته پارليامينٽ جي ووٽ جو اختيار وسري وڃي، اه?? وزيراعظم کي ڪيئن اها ڊائريڪشن ڏئي سگهن ٿا، اسان آئين جي خلاف ورزي جو ڪڏهن سوچيو به نه آهي، اسان ماضي ۾ به ڪنهن غيرآئيني قدم کي تسليم نه ڪيو اڄ به نه مڃينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کان ڪو غيرآئيني قدم ڪرائڻ چاهي رهيو آهي اها توهين پارليامينٽ آهي رڳو خط سان ڪم نه هلندو. هن ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي، قومي اسيمبلي جي استحقاق ڪميٽي ۾ اه?? معاملو اٿاريو وڃي. وزيراعظم هن ايوان جو چ??نڊ??ل وزيراعظم آهي، جيڪڏهن ان تي ڪو حرف اچي ٿو ته اه?? هن پوري ايوان جو استحقاق مجروح ڪ??ڻ جي برابر آهي. هن چيو ته اسان چار ٽي جي اڪثريتي فيصلي سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته آئيني بحران ۾ وفاق پاڪستان، جمهوريت ۽ مل?? جي معيشت کي خطرا آهن. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 63 اي کي ري رائٽ ڪرڻ کي ڏٺو وڃي ته نظر اچي رهيو آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. هن چيو ته پوري صوبي ۾ عام چُ??نڊ??ون منعقد ڪرڻ صحيح فيصلو نه آهي، مل?? جون سموريون سياسي پارٽيون چاهين ٿيون ته قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چ??نڊ??ن هڪ ئي وقت ٿين. عدليه پنهنجي دائره ڪار ۾ رهندي ۽ پارليامينٽ کي پنهنجي دائره ڪار ۾ رهڻ ڏنو وڃي ته ڳالهه ٻولهه جو عمل هلي سگهي ٿو. هن چيو ته عدليه جي پنچائت ۾ ماڻهو ڳالهيون چاهين ٿا ته ان جي ڪاميابي مشڪل هوندي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان چاهي ٿو ته تاريخ ۾ هو سٺن لفظن سان ياد رکيو وڃي ته کيس گهرجي ته هو ذاتي طور تي ڳالهين جو رستو اختيار ڪري.