اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران عدالت کي ناليواري ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي موت جي سزا ڏيڻ جي مطالبي جي تازه ترين قدم تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چ??و ته گذريل سال محمد ياسين ملڪ کي هڪ تڪراري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، ان تي هٿ ٺوڪيا الزام هنيا ويا ۽ ان کي منصفاڻي ٽرائل کان انڪار ڪيو ويو هو. ترجمان چ??و ته اهم ڪشميري اڳواڻ کي خراب ٿيندڙ صحت جي باوجود بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرانساني حالتن ۾ رکيو ويو آهي. هن چ??و ته محمد ياسين ملڪ کي خاندان جي ماڻهن ۽ وڪيلن تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ کيس معياري صحت جي علاج کان ??حروم رکيو پيو وڃي. ترجمان چ??و ته ڀارت جو تازو قدم سياسي انتقام جو هڪ ٻيو مثال آهي جنهن جو مقصد ڪشميري قيادت کي خاموش ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام کي ڊيڄارڻ آهي. هن چ??و ته اهو قدم ڀارت غيرقانوني ط??ر تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي نه ختم ٿيندڙ ۽ وسيع ڏاڍ جو مظهر آهي جتي سياسي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي محافظن کي هٿ ٺوڪيي ۽ بي بنياد الزامن تحت قيد ڪيو وڃي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چ??و ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي محمد ياسين ملڪ جي خلاف فرضي ڪيس کي ختم ڪن. هن چ??و ته ڪشميري اڳواڻ کي معياري علاج فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي پنهنجي ماڻهن ۽ خاندان جي وچ ۾ آزاداڻي ط??ر تي رهڻ ڏنو وڃي. ترجمان ??اڪستان جي ان ??طالبي کي پڻ ورجا??و ته ڀارت کي ڪشميري قيادت ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي پڻ فوري ۽ غيرمشروط طور تي آزاد ڪرڻ گهرجي جن کي ڀارت جي غيرقانوني ط??ر تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي جيلن ۾ بنا جو??ز قيد ۾ رکيو ويو آهي.