اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگ?? ثمينه علوي ترڪيه جي خاتون اول سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي صدارتي چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. پنهنجي هڪ ٽو??يٽ ۾ بيگ?? ثمينه علوي چيو ته ترڪيه جي خاتون اول سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثالي ڀائراڻن لاڳاپن تي ??وش??ي وڌي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ترڪ عوام سان پاڪستاني عوام جي يڪجهتي جي ذريعي ٻطرفا لاڳ??پا وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندا. ترڪ خاتون اول بيگ?? ثمينه علوي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته صدر اردوان جي فتح بي مثال هئي. هن ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي دوران پاڪستان پاران فراهم ڪيل فراخدلاڻي مدد تي ٿورا مڃيا.