اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عا??م کچي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر افضل بٽ جي رهائشگاهه تي ويو ۽ ساڻس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ??ئي. ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جو سيڪريٽري راجا خليل، سينيئر صحافي نوابزاده خورشيد، راڻا عمران لطيف، شڪيل احمد عباسي، ين?? ميڊيا ورڪنگ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري انفارميشن نوابزاده شاهه علي پڻ موجود هو. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عا??م کچي چيو ته والدين جو ڪوبه نعم البدل نه آهي، الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.