اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان لائين آف ڪنٽرول کي عبور ڪرڻ بابت ڀارتي دفاع واري وزير جي اشتعال انگيز بيان جي سخت مذمت ڪندي ان کي مڪمل طور تي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي ريمارڪس ڀارت پاران پنهنجي پاڙيسري ملڪن خاص طور تي پاڪستان جي خلاف دشمني جي ع??اس ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو جهڙوڪ فيبروري 2019ع ۾ ڀارت جي غلط مهم جوئي جي جواب ۾ ان جو ??رپور جواب ڏنو ويو هو. ترجمان چيو ته هي پهريون موقعو نه آهي جو ??ارت جي سياسي اڳواڻن ۽ اعليٰ فوجي آفيسرن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت اهڙي قسم جا انتهائي غيرذميواراڻا ۽ فريب تي ٻڌل بيان ڏنا آهن. ترجمان چيو ته قوم پرستي ۽ پاڪستان مخالف جذبن کي هوا ڏئي سياسي مقصدن جي لاءِ بيان بازي کي معمول بڻايو ويو آهي. پاڪستان کي ڀ??رتي سياسي معاملن ۾ گهيلڻ جو اهو رواج ختم ٿيڻ گهرجي، اهي انتهائي غيرذميواراڻا بيان علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پڻ خطرو آهن ۽ انهن جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ ماحول کي غيرم??تح??م ڪرڻ آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت جي اشتعال انگيزين ۽ غيرذميواراڻي رويي جو جواب ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح تيار رهندي پاڪستان ذميواري سان ڪم ڪندو رهندو ۽ خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ا??تح??ام جي فروغ لاءِ سمورين ڪوششن ۾ پنهنجو ??ردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تي ڀ??رت جي دعويٰ تخيل تي ٻڌل آهي، نه تاريخ ۽ عالمي قانون، نه ئي اخلاقيات ۽ زميني حالتون ڀارت جي ان فريب جي تصديق ڪري سگهن ٿيون. تنهن ڪري ان کي پنهنجو ??يان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي مڪمل عملدرآمد طرف ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته علائقي جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري طريقيڪار تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ٿيڻو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀ??ئرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.