اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي ميڊيا جي وفد سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد جو دورو ڪيو، هي تقريب سي پيڪ منصوبن خاص طور تي گرين لا??ين ٽرين جي 10 سالا تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪئي وئي. وفد ٽر??ن ۾ استعمال ٿيندڙ جديد چي??ي ٽيڪنالاجي ۽ مهارت کي ساراهيو. ان موقعي تي پاڪستان ريلوي پاران ٽر??نن ۾ چين پاران فراهم ڪيل جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي سان وفد کي بريفنگ ڏني وئي. پاڪستان ريلوي پاران وفد کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ٽر??ن ۾ ايئرڪنڊيشنڊ (اي سي)، بزنس ڪلاس جون ٻه بوگيون، پارلر جي هڪ ڪوچ، ٻه اي سي اسٽينڊرڊ ۽ اڪانومي ڪلاس جون ٻه بوگيون شامل آهن. هن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وڌيڪ ماڻهو گرين لا??ين ٽرين جي بهتر معيار جي ڪري ان تي لاهور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سفر کي ترجيح ڏين ٿا، ٽر??ن جي وقت تي سختي سان پابندي ڪئي پئي وڃي.
ريلوي عملدارن پاران ٻڌايو ويو ته ريلوي واري وفاقي وزير پاڪستان ريلوي کي گرين لا??ين ٽرين جي سفر جي وقت کي 23 ڪلاڪن کان گهٽ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي جنهن سان مسافرن جو پاڪستان ريلوي تي اعتماد بحال ٿيندو. چيني ميڊيا جي وفد کي ٻڌايو ويو ته گرين لا??ين ٽرين ۾ بهترين سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اعليٰ معيار جي کاڌي جي فراهمي ۽ ٽڪيٽ جي قيمت کي مناسب سطح تي رکڻ شامل آهي. ان کانسواءِ اي سي پارلر جي هر سيٽ تي هڪ جدا ايل سي ڊي هنئي ويندي ته جيئن مسافر هيڊ فون جي ذريعي پنهنجي پسنديده وڊيوز ۽ پروگرامن مان لطف اندوز ٿي سگهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽر??ن نان اسٽاپ آهي جيڪا ڪراچي ۽ لاهور جي وچ ۾ رڳو خانيوال، بهاولپور، حيدرآباد ئي رڪي ٿي. هي ٽر??ن 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلڻ جي صلاحيت رکي ٿي، راولپنڊي کان لاهور په??ڻ کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ 9 ڪوچز جو اضافو ڪيو وڃي ٿو جنهن کانپوءِ اها ٽر??ن 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿي. وفد گرين لا??ين ٽرين جي ڪارڪردگي ۽ ان ۾ مسافرن جي لاءِ فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ پاڪستان ريلوي پاران مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي چيني ميڊيا جي وفد جو استقبال ڪيو. ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ پاڪستان ريلوي انعام الله و??د جو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ريلوي پاران يادگاري شيلڊز پيش ڪيون ويون. هن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تحت پاڪستان ريلوي جي مستقبل جي منصوبن کان پڻ وفد کي آگاهه ڪيو.