اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ ڏکڻ ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل جي سطح تي مشاورت جو ٽيون دور بيجنگ ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ڏکڻ ايشيا) الياس محمود نظامي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته چيني وفد جي سربراهي ڊائريڪٽر جنرل (ايشيائي معاملا) پرڏيهي وزارت ليو جنسونگ ڪئي. ٻنهي ڌرين ڏکڻ ايشيا ۽ وسيع تر خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيال?? جي مٽاسٽا ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو ويو. بيجنگ جي دوري دوران ڊائريڪٽر جنرل الياس نظامي معاون پرڏيهي وزير نونگ رونگ سان پڻ ملاقات ڪئي جتي پاڪ چين لاڳاپ?? جي مثبت رخ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي.