اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪ?? وفاقي گهرو سيڪريٽري عبدالله خان سنبل ??ي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم چيو ته عبدالله خان سنبل هڪ انتهائي قابل ??فيسر ه??، سندس ملڪ ۽ قوم جي لاءِ لازوال خدمتون آهن. هن چيو ته عبدالله خان سنبل ??ي لاڏاڻي سان سول سروس کي ناقابل ??لافي نقصان پهتو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.