نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي چئل??نج کي منهن ڏيڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان مستقبل ۾ ماحولياتي تبديلي جي چئل??نج کي منهن ڏي?? جي لاءِ سنڌو درياءَ جي منصوبي ۽ ارلي وارننگ نظام بابت منصوبابندي سميت ٻيا قدم کنيا آهن، 2030ع تائين پاڪستان 60 سيڪڙو متبادل توانائي جا ذريعا استعمال ڪندو،گلوبل وارمنگ جي خلاف هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي موسمياتي تبديلين جي حو??لي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي جي ڪري ??اڪستان کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي، گلوبل وارمنگ جي ڪري ??اڪستان کي قدرت آفت کي منهن ڏيڻو پيو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان موقعي تي پاڪستان سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ عالمي دنيا کي پاڪستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪيو جنهن تي ان جا ٿورائتا آه??ون. هن چيو ته ڪلائميٽ ريزيليئنس جي لاءِ نيشنل ايڊاپٽيشن منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪيو آهي، ان منصوبي تحت مستقبل ۾ ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن جي تباهين کي منهن ڏي?? جي لاءِ نشاندهي ڪيل منصوبن ۾ سمورا وسيلا ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آندا ويندا، ٻئي مرحلي ۾ سيڙپڪاري جي فراهمي جو فريم ورڪ جوڙيو ويندو جنهن سان مخصوص نشاندهي ٿيل شعبن ۾ ضرورتن جي فراهمي ۾ مدد ملندي. نگران وزيراعظم چيو ته 2025ع انيشي ايٽو تحت سنڌو درياءَ جي حو??لي سان منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، نيشنل ايڊاپٽيشن منصوبيتحت ڊيزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان جي ارلي وارننگ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا آهن، عالمي حدت ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي تنهن هوندي به سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙن ۾ شامل آهيون، عالمي حدت روڪ?? جي لاءِ عالمي ڪوششن جو حصو آه??ون. هن چيو ته پاڪستان 2030ع تائين پنهنجي توانائي جي 60 سيڪڙو ضرورت متبادل توانائي جي ذريعن سان حاصل ڪندو، ان تي 100 ارب ڊالر جي لاڳت آهي جنهن تي اسان کي عالمي مدد جي ضرورت آهي. هن ماحوليات جي تحفظ جي حو??لي سان قرآن پاڪ جي آيت جو حو??لو ڏيندي چيو ته اسلام ماحول جي تحفظ جي ذميواري کي فروغ ڏي?? جي حمايت ڪري ??و. هن چيو ته قدرتي وسيلن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي، مستقبل جي خطرن کي منهن ڏيڻ بابت قابل عمل سوچ اختيار ڪرڻ گهرجي، موسمياتي هدف حاصل ڪر?? جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي مالياتي ۽ فني تعاون جي ذريعي موسمياتي انصاف ملڻ گهرجي.