اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبلا اياز سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي قبلا اياز نگران وزيراعظم کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ??رڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن نگران وزيراعظم کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي مجلس عامله جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ ا??ن امان برقرار رکڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ م مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو.