اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته موسميا??ي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ ق??مي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسميا??ي تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ ج?? باوجود پاڪستان موسميا??ي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ 28 هين گڏيل قومون ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي حوالي سان بين الوزارتي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي، پرڏيهي معاملن، توانائي، موسميا??ي تبديلي، منصوبابندي ??ارن نگران وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ??گران وزيراعظم چيو ته ماحوليا??ي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ ق??مي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسميا??ي تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ ج?? باوجود پاڪستان موسميا??ي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته گذريل سال موسميا??ي تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ٽيون حصو آبادي ??وڏ کان متاثر ٿي، پاڪستان پنهنجي ماحولياتي سفارتڪاري سان عالمي ماحولياتي بحث ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪوپ – 28 ۾ ڪلائميٽ فنانس ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي پاڪستان جو موقف بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ ج?? لاءِ ادارا ڀرپور تياري ڪن. نگران وزيراعظم دبئي، گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.