ڪراچي – 02 – جنوري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته زينب الرٽ ايڪٽ تي موثر عملدرآمد، واحد ٺوس هي??پ لائين ۽ گم ٿيل ٻارن جي جلد بازيابي جي لاءِ سمو??ن لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي جي ضرورت آهي، عوامي شڪايتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمگير هي??پ لائين ۽ هڪ پليٽ فارم جي ذريعي گڏيل ۽ ٺوس ڪوششن جي نتيجي ۾ وڌيڪ موثر ۽ وقت سر نتيجا نڪرندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن روشني هي??پ لائين جيڪا هڪ غيرسرڪاري تنظيم آهي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته عوامي ۽ نجي شعبي ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون آهن جيڪي شهرين کي ان ڏس ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ جدا جدا ڪم ڪري رهيون آهن ۽ انهن وٽ شڪايتون وصول ڪرڻ جي لاءِ مختلف هي??پ لائينز آهن جڏهن ته اهو شهرين کي الجهن ۾ وجهي سگهي ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن سان رابطو ڪيو وڃي. بيگم ثمينه علوي تجويز ڏني ته عوامي شڪايتن ۽ هنگامي امداد جي لاءِ ڪالز وصول ڪرڻ جي لاءِ هڪ واحد ۽ ٺوس هي??پ لائين هجڻ گهرجي ۽ مختل?? ڊومينز ۾ ڪم ڪندڙ سمورا ادارا هڪ ڇت جي هي?? ڪم ڪن ته جيئن شهري هي??پ لائين تائين آساني سان پهچ حاصل ڪري سگهن ۽ فوري ۽ موثر ڪارروائي جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ لاڳاپيل اداري معاملي کي ريفر ڪري سگهجي. روشني هي??پ لائين جي باني محمد علي ۽ بورڊ جي ٻين ميمبرن خاتون اول کي ٻارن جي تحفظ خاص طور تي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي جي لاءِ تنظيم جي ويزن، ڪارڪردگي ۽ قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته روشني هي??پ لائين انساني حقن واري وزارت، سنڌ پوليس، صوبائي ٻارن جي تحفظ جي ادارن، پاڪستان ريلويز، اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ ڪيترن ئي ٻين سرڪاري ۽ غيرسرڪاري تنظيمن سان رابطو رکي ٿي. هن ٻڌايو ته روشني هي??پ لائين 20 هزار کان وڌيڪ خاندانن جي مدد ڪئي آهي ۽ پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 9 هزار کان وڌيڪ گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ۾ مدد ڪئي آهي جڏهن ته آگاهي ۽ پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. بيگم ثمينه عارف علوي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي جي لاءِ روشني هي??پ لائين جي ڪوششن ۽ خدمتن کي ساراهيو. بعد ۾ روشني ٽيم خاتون اول کي سووينيئر شيلڊ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي.