اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ بريل ۾ ڪتاب ۽ علم جي دستيابي خوش آئنده قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏئي فڪري ۽ انفرادي ترقي ممڪن آهي. هو ??يش??ل بُڪ فائونڊيشن جي ڪردار ۽ ڪ??رڪ??دگي تي بريفنگ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. ??يش??ل بُڪ فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راجا مظهر حميد فائونڊيشن جي ڪردار ۽ ڪ??رڪ??دگي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ??يش??ل بُڪ فائونڊيشن ڊسليڪسيا (پڙهڻ ۾ ڏکيائي) کان متاثر ماڻهن جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي، فائونڊيشن ڊسليڪسيا کان متاثر ماڻهن جي لاءِ ڪتاب تيار ڪري رهي آهي، ڊسليڪسيا جي شڪار ٻارن جي لاءِ پريپ کان اٺين درجي تا??ين ڪتاب تيار ڪيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تعليمي سال 25 – 2024ع ۾ ڊسليڪسيا جي شڪار ٻارن کي ڪتاب فراهم ڪيا ويندا، فائونڊيشن جي ڪراچي ۾ بريل پريس ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي رڳو 10 رپين ۾ ڪتاب فراهم ڪري رهي آهي، ڪتابن سان ڏسڻ کان محروم ٻارن جي تعليم تا??ين پهچ ??ڌائڻ ۾ مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي 431 اسڪولن ۾ پريپ کان اٺين درجي تا??ين ڏسڻ کان محروم ٻارن جي لاءِ ڪتاب فراهم ڪيا ويندا، ??يش??ل بُڪ فائونڊيشن بريل ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇاپي رهي آهي، ??يش??ل بُڪ فائونڊيشن پاڪستان ۽ ٻاهر??ين ملڪ ڪتابن جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر ملڪ ۾ خواندگي، ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.