اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چي?? آهي ته اسلام آباد ۾ پهرين گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ جي پڄاڻي اسلام آباد پڌرنامي جي منظوري سان ٿي جيڪو قابل عمل منصوبن جي هڪ سيريز جي اهميت کي اجاگر ڪندو جيڪو صحت جي هنگامي صورتحال جي لا??ِ هڪ مضبوط عالمي ردعمل، صحت جي سارسنڀال تائين برابر پهچ سميت هڪ پائيدار ۽ جامع صحت جي نظام کي فروغ ڏيڻ کي يقيني بڻائيندو. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چي?? ته عالمي صحت جي خطرن ۽ عالمي صحت جي سلامتي کي وڌائڻ جي لا??ِ عالمي تعاون ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ اربع ڏينهن وفاقي گادي واري شهر ۾ پهرين گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ جي شروعات ٿي جنهن ۾ صحت وارن وزيرن ۽ 70 کان وڌيڪ ملڪن جي صحت وارن وزيرن ۽ ماهرن قومي صحت جي سلامتي تي عالمي صحت جي سلامتي جي اثرن، وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۽ ردعمل، موسمياتي تبديلي ۽ اڀرندڙ عوامي صحت جي خطرن، گهڻ رخي شعبه جاتي ڪوآرڊينيشن، صحت جي عالمي تحفظ جي لا??ِ پائيدار ۽ برابر مالي مدد، يونيورسل هيلٿ ڪوريج تائين پهچ ۽ ويڪسين جي برابري کي يقيني بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چي?? ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني عالمي سطح تي صحت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ عالمي يڪجهتي ۽ عالمي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چي?? ته رڳو هڪ برابر عالمي صحت جو ڍانچو ئي هر ڪنهن کي مستقبل جي وبائي مرضن کان بچائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. ترجمان چي?? ته گ ذريل ڏينهن اجلاس کي پنهنجي اهم خطاب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل ردعمل جي لا??ِ گهربل ٻاهرئين ۽ اندروني صحت جي چئلينجن آڏو قومن جي گڏيل دارومدار کي اجاگر ڪيو. هن قومي مفادن ۽ قومي سرحدن کان مٿانهون ٿي صحت جي تحفظ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ هڪ متحده عالمي محاذ تي زور ڏنو.