اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نوجوانن جي لاءِ ذهني صلاحيتن کي وڌائيندڙ راندين جو فروغ ضروري آهي، راند مختلف ملڪن جي وچ ۾ رابطن جو ذر??عو هوندي آهي، ملڪ جي هر ا??ڪو?? ۾ شطرنج جهڙين راندين جي سهولت هجڻ ??هرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??ڪو??ن جي لاءِ پرائيم منسٽرز مائنڊ اسپورٽس انيشي ايٽو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ٻاهرئين ملڪ مان آيل مهمانن جي آجيان ڪريون ٿا. نوجوانن جي لاءِ ذهني صلاحيتن کي وڌائيندڙ راندين جو فروغ ضروري آهي. شطرنج جي راند ذهني صحت سان گڏوگڏ نظم ۽ ضبط کي سيکارڻ جو پڻ سبب آهي جنهن سان زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ رخ جو تعين ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. پيشيواراڻي زندگي ۾ هي هڪ بهترين مشغلو آهي. هن چيو ته راند مختلف ملڪن جي وچ ۾ رابطن جو ذر??عو هوندي آهي، سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي رانديگرن مختلف شعبن ۾ نمايان نالو ڪمايو آهي. آئون پنهنجي موجوده عهدي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ يقين ڏياريان ٿو ته شطرنج جي راند جي فروغ لاءِ ڪوششن ۾ رهندس. ملڪ جي هر ا??ڪو?? ۾ اهڙي طرح جي راندين جي سهولت هجڻ ??هرجي. تقريب کي خطاب ڪندي بين الصوبائي رابطن واري نگران وفاقي ??زي?? فواد احمد فواد چيو ته راندين جو فروغ صحتمند معاشري جي لاءِ ضروري آهي. ٻارن جي مستقبل جي لاءِ مختلف منصوبن جي شروعات تي نگران ??زي??اعظم جا ٿورائتو آهيان. هن چيو ته موجوده دور ۾ دنيا کي مختلف چئلينجز ۽ مسئلا درپيش آهن. ماضي ۾ پاڪستان ۾ شطرنج جا نمايان رانديگر رهيا آهن. هن چيو ته ان قدم تحت مائنڊ گيمز جي سهولت سڄي ملڪ ۾ 10 هزار سرڪاري ا??ڪو??ن ۾ ڏني ويندي اسان ان کي ملڪ جي سمورن سرڪاري ا??ڪو??ن تائين کڻي وينداسين. اسان نجي ا??ڪو??ن کي به ان حوالي سان گهرائي رهيا آهيون جڏهن ته ڪارپوريٽ سيڪٽر جون خدمتون پڻ ورتيون پيون وڃن ته جيئن سڄي ملڪ ۾ هر ا??ڪو?? تائين گيمز جو اهو سلسلو پهچي سگهي. هن چيو ته پهرين مهيني ۾ اسلام آباد جي 100 ا??ڪو??ن کي اها سهولت ڏني ويندي. هن مرحوم مير سلطان خان جي ڪارڪردگي کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن جو تعلق سرگوڌا سان هو ۽ هُو شطرنج جو ناليوارو رانديگر هو جنهن1929ع، 1931ع ۽ 1932ع ۾ برٽش شطرنج چيمپيئن شپ کٽي. سندس خدمتن تي انٽرنيشنل چيس فيڊريشن جي صدر آر ڪي ڊي ويڪوويف نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي سندس جاءِ تي ايوارڊ پيش ڪيو. تقريب کي انٽرنيشنل چيس فيڊريشن جي صدر آر ڪي ڊي ويڪوويف خطاب ڪندي چيو ته سڄي پاڪستان جي 10 هزار سرڪاري ا??ڪو??ن جي 60 لک ٻارن کي ان راند تائين پهچ جو موقعو ڏنو ويندو. فيڊريشن استادن جي مدد ۽ تربيت ڪندي جيڪي سکيا کانپوءِ ٻارن کي تربيت ڏيندا. انٽرنيشنل چيس فيڊريشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر داناريزنينس اوزولا، ايشيئن چيس فيڊريشن جو صدر شيخ سلطان بن خليفه بن النهيان ۽ پاڪستان چيس فيڊريشن جو صدر محمد حنيف قريشي پڻ ان موقعي تي موجود هئا.