اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) قومي خابرو اداري ”ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان“ جي مئنيجنگ ??ائ??يڪٽر محمد عاصم کچي چيو آهي ته اي پي پي جي يوٿ ميڊيا پروگرام جو مقصد ميڊيا گريجوئيٽس کي عملي تربيت ڏئي انهن جي صلاحيتن کي نکارڻ آهي، اي پي پي نئين ميڊيا گريجوئيٽس کي عملي تربيت ف??اه?? ڪندڙ پهريون ادارو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي پي پي هيڊڪوارٽرز ۾ يوٿ ميڊيا ٽريننگ پروگرام ۽ ٿري ڊي ورچوئل اسٽوڊيو جي باضابطا افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. اي پي پي جي ايم ڊي چيو ته هن وقت ميڊيا گريجوئيٽس کي عملي تربيت ف??اه?? ڪندڙ ڪو ادارو نه آهي، شا??رد?? وٽ ڪتابي علم هوندو آهي پر عملي تجربي جي کوٽ هوندي آهي جڏهن ته اڪثر ميڊيا ادارن ۾ ملازمت جي لاءِ تجربي جي ضرورت هوندي آهي. هن شا??رد?? کي بنيادي ٽيڪنيڪ ف??اه?? ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اسان جا شاگرد باصلاحيت آهن، شا??رد?? جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي رپورٽنگ، نان لائنر ايڊيٽنگ (اين ايل اي)، گرافڪ ڊيزائننگ، فوٽوگرافي سميت مختلف شعبن ۾ آل رائونڊر بڻجن ۽ اهي پنهنجي تربيت جي تڪميل کانپوءِ پاڻڀرا ٿي سگهن. هن چيو ته تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ جو مقصد ميڊيا جي شا??رد?? جي صلاحيتن کي نکارڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪري سگهن. هن چيو ته تربيتي پروگرام ميڊيا جي اهم رخن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو هڪ بي مثال موقعو ف??اه?? ڪندو جنهن سان ميڊيا انڊسٽري جي ليڊرز جي اڳئين نسل جي جوڙجڪ ٿيندي. ان کان اڳ وڊيو نيوز سروس (وي اين ايس) جي ايديشنل ??ائ??يڪٽر ۽ يوٿ ميڊيا ٽريننگ پروگرام جي انچارج ياور عباس چيو ته مئنيجنگ ??ائ??يڪٽر وي اين ايس جي عملي کي ميڊيا گريجوئيٽ شا??رد?? کي مفت تربيت ف??اه?? ڪرڻ جي ذميواري سونپي آهي، ٽريننگ جي لاءِ ڪل 500 شا??رد?? درخواستون ڏنيون ۽ انهن مان 30 شا??رد?? کي چونڊيو ويو. ورچوئل اسٽوڊيو بابت ياور عباس ٻڌايو ته اهڙي طرح جا ٽي اسٽوڊيو سيٽ اڳ ۾ ئي قائم ڪيا ويا آهن ۽ 10 وڌيڪ ٿري ڊي ورچوئل اسٽوڊيو سيٽس قائم ڪرڻ جو منصوبو آهي. هن ٻڌايو ته يوٿ ميڊيا ٽريننگ پروگرام جو منصوبو نوجوانن کي هنر ۽ علم سان بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي جيڪو ميڊيا جي متحرڪ دنيا ۾ ڪاميابي جي لاءِ ضروري آهي ۽ ميڊيا جي بهترين ڪارڪردگي جي مستقبل کي جوڙي رهيو آهي.
هن ٻڌايو ته يوٿ ميڊيا ٽريننگ پروگرام صحافت ۽ ميڊيا جي شا??رد?? جي لاءِ تيار ڪيل هڪ اهم قدم آهي، ان تربيتي پروگرام سان شاگرد پنهنجي ميڊيا ڪيريئر کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي موقعي مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ٽريننگ ۾ ٽي وي نيوز جي رپورٽنگ، ايڊيٽنگ ۽ پروڊڪشن، وڊيو نيوز اسٽوريز ۽ پئڪيجز ٺاهڻ، دستاويزي فلمن جي شوٽنگ، خبرن ۽ ٽاڪ شوز جي بليٽن ميڪنگ/ پروڊڪشن جو عمل، ڪئميره آپريٽنگ، لائيو ڪوريج، وڊيو ڪئميره سسٽم، نان لائنر بابت تربيت ف??اه?? ڪئي ويندي. ايڊيٽنگ، وڊيو گرافڪس پئڪيجنگ، آڊيو ايڊيٽنگ ۽ سائونڊ ڊيزائننگ، ٽي وي انٽرويو جي مهارت، اسٽوڊيو ورڪ، نيوز ڪاسٽنگ، اينڪر پرسن ۽ سوشل/ ڊيجيٽل ميڊيا تربيتي ماڊيول جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي ان کي اي پي پي جي وڊيو نيوز سروس پنهنجي پيشيور ٽيم جي ميمبرن ۽ جديد ترين اوزارن سان هلائيندي. ان موقعي تي مئنيجنگ ??ائ??يڪٽر محمد عاصم کچي شا??رد?? ۽ اسٽاف سان گڏ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.