اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ مسلم ??يگ (ن) اسلام آباد جي ضلعي صدر راجا وقار ممتاز ج?? لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن راجا وقار ممتاز جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته راجا وقار ممتاز مسلم ??يگ (ن) جو مخلص ۽ پرعزم ڪارڪن هو. سندس لاڏاڻي سان مسلم ??يگ (ن) کي وڏو نقصان پهتو آهي. هن چيو ته مرحوم جي پارٽ?? لاءِ اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.