??سل??م آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن گوادر، بلوچستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو هي پهريون دور?? آهي. وزيراعظم گوادر ۾ تازي طوفاني برساتن جي متاثرين سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم طوفاني برسا??ن کان متاثر علائقن جو فضائي جائزو وٺندو ۽ امدادي ڪئمپ ۾ رهندڙ متاثر خاند??نن ۾ امدادي شيون پڻ ورهائيندو.