گوادر – 05 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ملڪ ۾ تازين برساتن ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 20 لک جڏهن ته زخمين کي 5 لک رپ??ا في فرد امداد ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته برسات کان ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪيو ??يندو، متاثرين جي آبادڪاري تائين امداد جاري رکنداسين، عوام جي خدمت حڪومت جو فرض آهي، مڪمل تباهه ٿيندڙ گهرن جي مالڪن کي ساڍا 7 لک رپ??ا معاوضو ڏنو ويندو. وزارت ع??مي?? جو حلف کڻڻ جي اڳئين ئي ڏينهن وزي??اع??م محمد شهباز شريف تازي طوفاني برساتن کان متاثر گوادر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي وزي??اع??م جو استقبال ڪيو. وزي??اع??م اڏام دوران اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کان گوادر ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ تازي طوفاني برساتن سان ٿيندڙ نقصانن ۽ جاري امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ورتي. وزي??اع??م کي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ نقصانن ۽ متاثرين جي مدد جي لاءِ قدمن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيٽلائيٽ جي ذريعي قدرتي آفتن جي وقت کان اڳ تعين جي لاءِ نظام جوڙيو ??ڃي. متاثر مواصلاتي ڍانچي جي بحالي ۽ نجي ملڪيتن جي نقصانن جي تفصيلي جائزي تي جلد رپ??رٽ پيش ڪيو ??ڃي. تازي طوفاني برساتن جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو ??ڃي. متاثرين جي ريسڪيو ۽ مدد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. بعد ۾ وزي??اع??م متاثرين جي لاءِ قائم خيمه بستي ۾ متاثرين ۾ امدادي سامان ۽ چيڪ ورهايا. ان موقعي تي وزي??اع??م کي برساتن سان ٿيندڙ نقصانن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزي??اع??م کي ٻڌايو ??يو ته تازين برساتن سان گوادر ۾ 3100 گهر متاثر ٿيا. جيواڻي ۾ 125، پسني ۾ 25، سنسر ۾ 260 گهرن کي نقصان پهتو. 93 گهر مڪمل تباهه ٿيا. برساتن سان 200 جانورن کي نقصان پهتو. 19 متاثر رستا بحال ڪيا ويا آهن. ڏورانهن علائقن ۾ نيوي ۽ بلوچستان حڪومت جي هيلي ڪاپٽرن جي ذريعي امدادي سامان پهچايو ??يو. متاثرين کي طبي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ آرمي ?? سول ادارن پاران ميڊيڪل ڪئمپون هنيون ويون. ان موقعي تي وزي??اع??م محمد شهباز شريف متاثرين ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته 26 فيبروري تي طوفاني برساتن ۾ گوادر ۽ بلوچستان جي ٻين حصن ۾ تباهي ڦهلائي. الله جو شڪر آهي گوادر ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو. بلوچستان ۾ 5 ماڻهو فوت ٿيا انهن جي پونئيرن سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيون. هن بلوچستان جي وڏي وزير کي حلف کڻڻ جي فوري پوءِ متاثر علائقي گوادر پهچڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته وڏو وزير مشڪل وقت ۾ فوري هتي پهچي ۽ متاثرين جي پنهنجي وت آهر امداد ڪئي. هي ڪو احسان نه آهي پر بطور چونڊيل حڪومت اسان جو فرض آهي. اسان متاثرين سان گڏ بيٺل آهيون. بلوچستان جي وڏي وزير جي قيادت ۾ سمورن نقصانن جو ازالو ڪنداسين. هن پاڪ فوج، نيوي، ڪوسٽ گارڊ، پي ڊي ايم اي سنڌ جا ٿورا مڃيا جن متاثرين کي امدادي سامان پهچائن، پاڻي جي نيڪالي ۽ ريليف جي ڪمن ۾ فوري مدد ڪئي. بلوچستان حڪومت ۽ مقامي انتظاميا پاران کنيل قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته مصيبت ۾ پنهنجي ڀائرن سان گڏ بيٺل هجڻ جو حڪم اسان جو مذهب به ڏي ٿو، ان فرض جي ادائيگي ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪنداسين. هن چيو ته 2022ع ۾ موسمياتي تبديلين سان انهن علائقن ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سان وڏو نقصان ٿيو، اسان هن وقت هر متاثر جڳهه تي پهتاسين ۽ وفاقي حڪومت متاثرين ۾ 100 ارب رپ??ا ورهايا. اسان پنهنجي وت آهر ۽ دوست ملڪن جي تعاون سان انصاف ۽ شفاف طريقي سان متاثرين تائين امداد پهچائي. هن چيو ته تازي طوفاني برساتن ۾ سڄي ملڪ ۾ 44 ماڻهو فوت ٿيا. الله انهن جي مغفرت فرمائي. هر فوت ٿيندڙ جي گهرڀاتين کي 20 لک، زخمي کي 5 لک جڏهن ته تباهه ٿيل گهر جي مالڪ کي ساڍا 7 لک رپ??ا معاوضو ڏينداسين. هن تازي امدادي ڪاررواين ۾ ڀرپور ڪارڪردگي رکندڙ ادارن جي ملازمن ۽ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن ۾ مصروف ماڻهن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.