اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه صوبي جي شهر بشام ويجهو دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جار?? بيان ۾ چيو ته پاڪستان حڪومت دهشتگردي جي ان ڪڌي فعل جي شديد مذمت ڪري ٿي، اسان دهشتگردن ۽ ان جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽ??ڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ا??ڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون دهشتگردي جي لعنت جي خلاف وڙهڻ جي پاڪستاني قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. بيان موجب اڄ جي حملي جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي جي دشمنن ڪئي، اسان ا??ڙي سمورين قوتن جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت مشڪل جي هن گ??ڙي ۾ پنهنجي چيني دوستن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائ?? بيٺل آهي ۽ حملي ۾ مارجي ويندڙ چيني شهرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنج?? بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، پاڪستان ۾ چيني شهرين جي زندگي ۽ حفاظت انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.