اسلام ??باد – 07 – مئي (اي پي پي) جمهوريه ازبڪستان ??و پرڏيهي وزير بختيار سيدوف 8 ۽ 9 مئي تي اسلام ??باد جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ازبڪستان ??و پرڏيهي وزير دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏيل دلچسپي جي وسيع تر ٻطرفن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪن??و جنهن ۾ واپار ۽ رابطن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. بيان موجب جمهوريه ازبڪستان جي پرڏيهي وزير جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي نئين تحريڪ ملڻ جي اميد آهي.