اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ??هي??ن کي خراج عقيدت ۽ انهن جي خاندانن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو عنوان ”بي حرمتي انهن جي گوارا ناهي، هاڻ ٻيهر ائين ٿيڻ نه ڏبو“ هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ڪابينا جي ميمبرن تقريب ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. ??هي??ن جا پونئير جڏهن تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتا ته وزيراعظم شهباز شريف پنه??جي سيٽ تان اٿي انهن جو استقبال ڪيو. تقريب جي شروعات قومي ترانو ۽ ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي. وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ??هي??ن پنهنجون جانيون قربان ڪري ملڪ جي لکين ٻارن کي ??هي?? ٿيڻ کان بچايو. شهيدن دليري ۽ جرئت سان ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنه??جي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. تقريب ۾ ??هي??ن جي وارثن تمام همت ۽ حوصلي سان پنه??جي پيارن جا داستان ٻڌايا. ميجر منيب افضل ??هي?? جي والد مير افضل خٽڪ حاضرين کي پنه??جي پٽ جي زندگي، خيالن، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ جذبن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ??هي??ن ۾ ملڪ ۽ قوم جي دفاع جو بي انتها جذبو ڏٺو وڃي ٿو، اولاد جو ڏک الله ڪنهن کي نه ڏيکاري، جنهن راهه ۾ اسان جا پٽ ??هي?? ٿيا ان تي اسان کي فخر آهي. ??هي?? ميجر منيب افضل جي والد چيو ته اسان جي ??هي??ن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيا آهن. تقريب کي آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي پڻ خطاب ڪيو. واضح رهي ته علي ناصر رضوي 9 مئي 2023ع تي پنه??جي فرضن جي ادائيگي دوران پنه??جي اک وڃائي ويٺو هو. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي اسلام آباد ??هي??ن جي وارثن کي سلام پيش ڪندي چيو ته 9 مئي 2023ع جو ڏينهن نه ٿا وساري سگهون. هن چيو ته ڪجهه شرپسند هڪ پوليس آفيسر جي اک کسي وٺندا ته ڇا اهو جذبو ختم ٿي ويندو. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث شرپسندن جا ڪنڌ هيٺ ۽ اسان جا ڪنڌ فخر سان بلند آهن، اسان شرپسند عنصرن جي اڳيان ڪنهن به صورت ۾ نه جهُڪنداسين. هن چيو ته شرپسندن پاران ڏنل زخم اسان ڪڏهن به نه وسارينداسين. تقريب کي ڪرنل سهيل عابد ??هي??، ميجر اڪبر اعواڻ ??هي?? جي بيواهن ۽ ڪيپٽن ڪاشف ??هي?? جي والده پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. شهيد ميجر اڪبر اعواڻ جي بيواهه چيو ته ??هي?? سدائين زندهه رهن ٿا، ميجر اڪبر اعواڻ پنه??جي رت جو آخري ڦڙو به هن ملڪ ۽ قوم تي نڇاور ڪيو، هاڻي وقت آهي اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي سنواريون، پاڪستان کي ان مقام تائين وٺي وڃون جو ??هي??ن جا خاندان فخر ڪن. هن چيو ته پاڪ فوج اسان کي هڪ لمحو به اڪيلو نه ڇڏيو. شهيد ڪرنل سهيل عابد جي گهرواريءَ چيو ته ??هي?? اسان جو فخر آهن. ??هي?? ڪيپٽن ڪاشف جي والده تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منه??جي پٽ ملڪ جي لاءِ جان قربان ڪئي، پٽ جي شهادت منه??جي لاءِ فخر آهي، ڪاشف جهڙا بهادر پٽ هجن ته ڪو به دشمن ملڪ طرف ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن اسان کي تمام گهڻو ڏک ڏنو، 9 مئي تي ??هي??ن جي يادگارن جي بي حرمتي سان دلي ڏک ٿيو، ??هي??ن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪا به قوم برداشت نه ٿي ڪري سگهي. تقريب ۾ گلوڪار ۽ نغمه نگار جابر عباس جي آواز ۾ ??هي??ن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ترانو پڻ جاري ڪيو ويو. اهو ترانو وزيراعظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي هڪ اهڙي خيال تي تيار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ??هي?? اسان کي ڪجهه چئي سگهي ته اهو ڇا ٿو چئي سگهي. جابر عباس جي دبنگ آواز ۾ ان سوچ کي تراني جي شڪل ڏني وئي آهي. تقريب ۾ گلوڪار عاطف اسلم جي آواز ۾ ??هي??ن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ نغمو پڻ پيش ڪيو ويو جڏهن ته ميڊم نورجهان جو پاڪ فوج جي عقيدت ۾ ڳايل نغمو ”اي پتر هٽان تي نئي وڪدي“ گلوڪار هاديه هاشمي پيش ڪيو. ناليواري گلوڪار شيراز اُپل پڻ تقريب م خيالن جو اظهار ڪيو ۽ پنه??جي ??هي?? والد جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. شيراز اُپل چيو ته ??هي?? جو پٽ هجڻ منه??جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته 9 مئي جا واقعا ڏسي دل تڪليف ٿي، ملڪ جي لاءِ جانين جي قرباني ڏيندڙن جي قدر ڪرڻ گهرجي. شيراز اُپل 9 مئي جي حوالي سان پنهنجو گيت پڻ تقريب ۾ ڳايو، ”وطن ميري“ عنوان سان گيت جي موسيقي پڻ شيراز اُپل پاڻ ڏني آهي. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سميت وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، سيڪريٽري اطلاعات شاهيره شاهد، پي آءِ ا?? مبشر حسن، پاڪ فوج، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي آفيسرن، جوانن ۽ ??هي??ن جي پونئيرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.