راولپنڊي -28 جولاءِ (اي پي پي) حڪومتي ٽيم ۽ ج??اع?? اسلامي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، حڪومتي ڳالهين واري ٽيم ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ، ڪ??مي?? ۽ گلگت بلتستان وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ (ن) جو سينئر اڳواڻ طارق فضل چوڌري، وزيراعظم جو ميڊيا ڪو آرڊينيٽر بدر شهباز شامل آهن. جڏهن ته ج??اع?? اسلامي جي وفد جي اڳواڻي لياقت بلوچ ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ ڳالهه ڪمشنر راولپنڊي جي آفيس آمد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو ته ج??اع?? اسلامي جي اڳواڻن سان ڳالهين کان پوءِ سمورن معاملن کان آگاهه ڪيو ويندو، اسان طرفان ڳالهين جي ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويئي، اويس لغاري ملڪ ۾ موجود ناهي، هو ??ين ويو آهي. هن چيو ته ج??اع?? اسلامي جي اڳواڻن سان گڏجي ويهي ڳالهائينداسين، ج??اع?? اسلامي جا بلن بابت معاملا آهن انهن جا خدشا ختم ڪنداسين. هن چيو ته 200 يونٽن تائين استعمال ڪندڙ بجلي صارفين کي اڳ ئي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي. حڪومت سولر پراجيڪٽس به شروع ڪري رهي آهي. ڊيزل ۽ تيل تي هلندڙ پلانٽس کي بند ڪيو ويندو، سولر ٽيوب ويل لڳڻ سان بجلي جي کپت ۾ گهٽتائي ايندي. انهن قدمن جو مقصد سستي ۽ معياري ب??لي پيدا ڪري ب??لي جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ آهي.