اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ هائو?? ۾ ??لسطين جي اڳوڻي وزيراعظم اسماعيل هنيه جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر س??دا?? اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر عل?? خان، عامر ڊوگر سميت مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ مي??بر??، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي آفيسرن ۽ ملازمن ۽ ميڊيا جي نمائندن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. غائبانه جنازي نماز پارليامينٽ هائوس جي جامع مسجد جي خطيب مفت حمد الرحمان پڙهائي. ان موقعي تي اسماعيل هنيه جي روح جي ايصال ثواب ۽ فلسطين جي آزادي، فلسطيني عوام کي درپيش مسئلن ج?? خاتمي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لاءِ پڻ خصوصي دعا ڪئي وئي.