اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو م??ام??ن بابت وفاقي وزير محسن نقويءَ شهرين کي عالمي معيار جون تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ 200 ايڪڙن تي سڀ کان وڏي ماحول دوست چڙيا گهر ۽ سفا??ي پارڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. مجموعي طور تي 5 هزار جانور، پکي چڙيا گهر ۽ سفا??ي پارڪ ۾ رکيا ويندا. گهرو وزير جي صدارت هيٺ س?? ڊي اي هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ چڙيا گهر ۽ سفا??ي پارڪ ٺاهڻ جي حوالي سان تجويزن جو جائزو ورتو ويو. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا چڙيا گهر ۽ سفا??ي پارڪ ٺاهڻ وا??ي پراجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ 2 هزار جانور ۽ پکي رکيا ويندا. گهرو وزير محسن نقوي چڙيا گهر ۽ سفا??ي پارڪ جي ورلڊ ايسوسيئيشن آف زو اينڊ ايڪوريم کان رجسٽريشن ڪرائڻ ۽ منصوبي سان سلهاڙيل م??ام??ا جلد طئي ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته سمورن م??ام??ن کي حتمي شڪل ڏني وڃي. آڪٽوبر ۾ چڙيا گهر ۽ سفا??ي پارڪ جو بنياد رکيو ويندو. چڙيا گهر ۽ سفا??ي پارڪ سان اسلام آباد جي سياحت ۾ اضافو ٿيندو.