اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مهراڻ ٽي وي جي بيورو چيف مدثر حسين ر??جپوت جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مدثر حسين ر??جپوت ۽ ٻين گهرڀاتين س??ن همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مدثر حسين ر??جپوت جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته والده جي لاڏاڻي کان وڏو ڪو نقصان نه آهي، ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. عطاءُ الله تارڙ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جا درجا بلند ڪري ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.