اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بيلسٽڪ ميزائيل شاهين II جي ڪامياب تجربي تي پاڪ فو??، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته شاهين II جي ڪامياب تجربي سان ملڪ جي دفاعي صلاحيت وڌيڪ مضبوط ٿيندي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته پوري قوم کي باصلاحيت سائنسدانن ۽ انجنيئرن تي فخر آهي، شاهين II ميزائيل جو ڪامياب تجربو پاڪ فو??، سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي محنت جو نتيجو آهي. هن چيو ته دفاعي ادارن، باصلاحيت سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي ملڪي دفاعي صلاحيت کي وڌائ?? لاءِ خدمتون واک??ڻ جوڳيون آهن.