رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وزير محسن نقوي رحيم يار خان ۾ شهيد ٿي?? پوليس اهلڪارن کي تمغه شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ??هي ته حملي آ??رن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويندو. گهرو وزير شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان ۾ ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪارن جي عيادت ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي سمورن پوليس اهلڪارن وٽ ويو ۽ کائن طبيعت پڇي. گهرو وزير محسن نقوي زخمي اهلڪارن جي بلند حوصلن کي ساراهيو. هن اسپتال انتظاميه کي زخمين جي بهترين علاج جي حوالي سان پڻ هدايتون ڏنيون. ڪالهه گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته اوهان جي عزم ۽ حوصلي کي ساراهيان ٿو، اوهان پنجاب پوليس جا بهادر نوجوان آهيو. محسن نقوي چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن کي تمغه شجاعت ڏنو ويندو ان سلسلي ۾ اسان سفارش ڪري ڇڏي آ??ي. هن چيو ته جن اهو حملو ڪيو ??هي انهن جو عبرتناڪ انجام ڏيندو، هي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي. وفاقي حڪومت سموري مدد فراهم ڪري رهي ??هي ۽ آئنده به ڪندي رهندي، رينجرز به موجود آهي. ڊي جي رينجرز پنجاب، انسپيڪٽر جنر?? پوليس پنجاب، گهرو سيڪريٽري پنجاب، اعليٰ ۽ سول عسڪري عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.