اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايران جي شهر يزد ۾ افسوسناڪ بس حادثي ۾ 35 پاڪستاني زائرين جي شهي?? ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس ج?? اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق وفاقي گهرو وزير فوت ٿيل زائرين جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ج?? اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. هن چيو ته ايران ۾ بس حادثي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي ڏک ٿيو آهي. هن چيو ته سموريون همدرديون فوتين جي وا??ثن ۽ زخمين سان آهن ۽ فوتين جي وا??ثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي فوتين جي وا??ثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.