لاهور-11 سيپٽمبر (اي پي پي) اڳوڻي خا??ون اول ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز جي ڇهين ورسي جي موقعي تي مسلم ليگ (ن) جي سنيئر اڳواڻ ۽ سڌ سماءَ واري ??فاقي وزير عطاالله تارڙ جي والده ساجده فاروق تارڙ پنهنجي آفيس ۾ هڪ دعائيه تقريب منعقد ڪئي. دعائيه تقريب ۾ تڪ اين اي 127 جي عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ قرآن خواني ۽ نعت خواني ڪئي وئي. جڏهن ته تقريب جي پڄاڻي تي مرحومه لاءِ دعا به ڪئي وئي. ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي ساجده فاروق تارڙ چيو ته بيگم ڪلثوم نواز جون سياسي ۽ سماجي خدم??ون ڪنهن کان به ??ڪي?? ناهن، هن آمريت جي دور ۾ جهڙي طرح پارٽي کي سنڀاليو هو ان کي سونهري ??فظن ۾ لکيو ويندو. هن چيو ته مادر جمهوريت جي جمهوريت لاءِ ڏنل قربانين کي خر??ج ع??يد?? پيش ڪرڻ لاءِ دعائيه تقريب جو انتظام ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڄي تڪ جي عورتن شرڪت ڪئي آهي. تقريب ۾ اين اي 127 ويمن ونگ جي ڪوآرڊينيٽر رابعه افضل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.