اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غ??ه جي علائقي خان يونس ۾ تاريخي مسجد تي اسرائيلي قابض فوج جي بمب??ري جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو گهري ثقافتي ۽ مذهبي اهميت رکندڙ جڳهه تي هڪ سنگين حملو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ت?? اهو حملو عالمي قانون جي پڻ وا??ح خلاف ورزي آهي. هن چيو ت?? هٿياربند تڪرار جي صورت ۾ ثقافتي ملڪيتن جي تحفظ جي لاءِ 1954ع جي هيگ ڪنوينشن تحت مذهبي جاين کي نشانو بڻائڻ واضح طو?? تي منع آهي. هن چيو ت?? پاڪستان والاريل اولهندي ڪن??ري جي اترئين حصي ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران ڪيل تازي وڏي پئماني تي فوجي دراندازي تي پڻ پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ت?? اهو حملو چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ عالمي قانون جي هڪ ٻي وا??ح خلاف ورزي آهي جيڪو والاريل علائقن ۾ شهرين کي بنا فرق جي نشانو بڻائڻ کان منع ڪري ٿو.