پشاور-04 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، عوام کي خيبر پختونخوا ڪابينا ۾ تبديلي جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳا??ها??يندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان جي يونيورسٽين ۾ ??ائ??س چانسلرز ناهن، صوبائي حڪومت کي درخواست آهي ته نوجوانن جي مستقبل سان نه کيڏي ۽ يونيورسٽين ۾ ??ائ??س چانسلرز اچڻ ڏيو، هن چيو ته صوبي ۾ 26 يونيورسٽين ۾ ??ائ??س چانسلرز ناهن. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي اسيمبلي جو اجلاس چار ڀيرا معطل ٿي چڪوآهي، وڏو وزير اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت کان پاسو ڪري رهيو آهي، ان صورتحال مان لڳي رهيو آهي ته هو اسيمبلي جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت حاصل ناهي رهي، ان لاءِ بهتر آهي ته وڏو وزير صوبائي اسيمبلي مان اعتماد جو و??ٽ وٺي. هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر تصديق ڪئي ته ڪابينا ۾ ردوبدل جي حوالي سان سمري کيس ملي آهي پر سمري تي صحيح ڪرڻ ۾ ڪا جلدي ناهي ۽ نه ئي هن ان تي قانوني ماهرن سان مشاور?? ڪئي آهي.