اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته جمهوريت ۽ آئين جي مضبوطي جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي هلڻ گهرجي، پاڻ ۾ الجهيل هونداسين ته پارليامينٽ جو وقار مجروح ٿيندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته سياست ضرور ڪرڻ گهرجي پر حدن کي اورانگهڻ نه گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ ميثاق جمهوريت جي لاءِ ??يبروري 2002ع ۾ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ٿي، ان کان اڳ اسان جي تلخ تا??يخ رهي هئي، ٻنهي پارٽين آئين جي بحالي ۽ جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ ??ئي 2005ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون، ان کانپوءِ ??ين سمورين سياسي پارٽين کي به دعوت ڏني وئي، ان ۾ عمران خان پاڻ موجود هو، ان دستاويز جي سڀني پارٽين توثيق ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ ئي الجهيا رهياسين ته پارليامينٽ جو وقار مجروح ٿيندو. گذريل حڪومت جي دور ۾ جيڪڏهن پراڊڪشن آرڊر جاري نه ??يا ته ضروري نه آهي ته هاڻي به جاري نه ??ين. هن چيو ته جنهن ڪميٽي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، هو ان ڪميٽي جي تا??يد ڪري ٿو، اسان کي کليل دل سان ڏسڻ گهرجي ته اهو ملڪ جيڪو 2017ع تا??ين دنيا جي 24 هين وڏي معيشت هو، اهو 2022ع ۾ 47 هين معيشت ڪيئن بڻيو. اسان کي ڏسڻ گهرجي ته دهشتگردي جي خاتمي تي اربين ڊالر خرچ ٿيا ۽ دهشتگردي ختم ٿي ته ڪهڙا سبب آهن جو اها دهشتگردي ٻيهر تيزي سان ڪَر کڻي رهي آهي. اسان کي ان جو تجزيو ڪرڻ گهرجي. پراڊڪشن آرڊر اسپيڪر جو استحقاق آهي، اسپيڪر سمورين پارٽين جي ڪميٽي ٺاهي ۽ ان جي لاءِ جينوين ٽي آو آرز ڏي ته جيئن ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن رستي جو تعين ٿي سگهي. حڪومت ان ڏس ۾ مڪ??ل معاونت فراهم ڪندي.