اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي مع??ملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته جديد تعل??مي نظام ۾ سيرت رسول الله صلي الله عليه و??له و??لم جو شامل هئڻ ضروري آهي، اسلام ۾ استاد کي اعليٰ درجو حاصل آهي، تعليم هر مرد ۽ عورت جو بنيادي حق آهي. حضور اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم جي تعليم اسان کي اخلاقيات، خود احتسابي ۽ مساوات جو درس ڏئي ٿي، علم کانسواءِ متوازن مع??شري جي جوڙجڪ ناممڪن آهي، اسلام علم کي حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. 12 ربيع الاول اسان کي اسوة حسنه صلي الله عليه و??له و??لم تي عمل ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. 49 هين قومي سيرت النبي صلي الله عليه و??له و??لم ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن 12 ربيع الاول جي ڏينهن جي موقعي تي سمورن آيل، اهل وطن ۽ عالم اسلام کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته هي ڏينهن اسان کي رحمة للعالمين صلي الله عليه و??له و??لم جي اسوة حسنه جي روشنيءَ ۾ پنهنجي ڏينهن رات کي منور ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو، پيغمبر اسلام صلي الله عليه و??له و??لم جي اعليٰ روشن تعليمات کي هٿي ڏيڻ ئي وقت جو سڀ کان اهم تقاضا آهي، اڄ اسان حضور اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم جي بارگاه ۾ عقيدت جا تحفا پيش ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ آهيون، اسان کي ان برڪتن واري محفل ذريعي سڄي ملڪ مان آيل عالمن ۽ مشائخن سان ڳالهائڻ جو موقعو مليو، ڪانفرنس جو بنيادي مقصد نبي اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم جي تعليمات ۽ اسوة حسنه جي پرچار آهي ته جيئن مع??شري جو هرد فرد ۽ ادارو پاڻ سڳورن صلي الله عليه و??له و??لم جي تعليمات مان رهنمائي وٺي تعليمي، مع??شرتي، مذهبي ۽ اخلاقي، سياسي، مع??شي ۽ دنيا ۾ ڪامياب ۽ ڪامران ٿي سگهي ۽ ٻين لاءِ روشني جو سبب بڻجي. هن چيو ته هلندڙ سال قومي سيرت ڪانفرنس لاءِ جنهن موضوع جي چونڊ ڪئي وئي آهي اها اسوة حسنه جي روشنيءَ ۾ رياست جي تعل??مي نظام بابت آهي، جيڪڏهن اسان نبي اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم جي زندگي ۽ تعليمات تي غور ڪريون ته معلوم ٿيندو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه و??له و??لم جي زندگي ۽ حڪمراني خطي يثرب کي دنيا جي سڀ کان بهترين فلاحي رياست ۾ بدلائي ڇڏيو. هن چيو ته رسول اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم جي عهد ۾ تعل??مي نظام ۽ علم جي سرپرستي تمام اهم هئي، مسلمانن جي زماني ۾ جيڪا علم کي ترقي حاصل ٿي ۽ جنهن سبب هو سڄي دنيا جا استاد بڻيا ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن عربي ڪتابن کي پڙهي جديد تحقيقات کان آگاهه ڪيو ان جو بنياد نبي اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم جن ئي رکيو. هن چيو ته نبي اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم کي خدائي حڪم به پڙهڻ بابت ئي مليو ۽ علم جي اهميت به پهرين وحي ۾ بيان ڪئي وئي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه و??له و??لم جي تعليم يافته ۽ تربيت يافته ماڻهن دين ۽ دنيا ۾ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيترا ڪامياب ٿيا ان جي مثال خلفاءِ راشدين جي حڪمراني جي نظام کان وٺي صحابه ڪرام جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين مان ڏئي سگهجي ٿي، جنهن سان سڄو جهان واقف آهي. هن چيو ته سيرت النبي صلي الله عليه و??له و??لم ۽ صحابه ڪرام جي زندگين ۾ اسان کي اهي اخلاقيات ۽ قدر جهڙن انصاف، ديانتداري، امانتداري، خود احتسابي، ذميداري، ٻين جي حقن جو خيال، محبت رواداري، سچ، عفو ۽ درگذر ۽ ايثار نظر اچي ٿو جنهن پٺيان ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليه و??له و??لم جو اهو عظيم نظام تعليم ۽ تربيت آهي جيڪو انسان اندر تقويٰ ۽ الله جو خوف پيدا ڪري ٿو ته ڪو ڏسي يا نه ڏسي غلط ڪم ناهي ڪرڻو ڇاڪاڻ ته منهنجو الله مون کي ڏسي رهيو آهي ۽ مون کي حساب ڏيڻو آه??. ن??ي اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم هر شخص لاءِ علم حاصل ڪرڻ جي حق جي حمايت ڪئي چاهي اهو مرد يا عورت، ڪنهن به نسل يا رنگ سان هجي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه و??له و??لم فرمايو علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي، اهو بيان هڪ انقلابي آهي جيڪو بيان ڪري ٿو ته تعليم صرف مخصوص طبقي لاءِ نه پر هر فرد جو حق آهي. هن چيو ته اسوة حسنه جو اهم نُڪتو تعليم ۽ تربيت جي عمل ۾ استادن ۽ عالمن جو ڪردر آهي، نبي اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم جي زندگي ۾ استادن ۽ عالمن جو ڪردار تمام اهم آهي، پاڻ سڳورن صلي الله عليه و??له و??لم فرمايو عالم، انبياءِ ڪرام جا وارث آهن، اها حديث عالمن جي اهميت جي نشاندهي ڪري ٿي. وفاقي وزير عالمن جو ڌيان ڇِڪرائيندي چيو ته جديد تعل??مي نظام ۾ عملي اخلاق ڪيئن ممڪن آهي، نبي اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ اسان انهن اصولن کي جديد تعل??مي نظام ۾ ڪيئن لاڳو ڪري سگهون ٿا؟ سڀ کان پهرين اسان کي اهڙو نصاب تيار ڪرڻ گهرجي جي??و ديني ۽ دنياوي علم اندر توازن هجي، سائنس، رياضي تاريخ جهڙن مضمونن کي قرآن ۽ حديث ۽ فقه سان پڙهايو وڃي ته جيئن شاگردن جي تعليم متوازن ٿئي. هن چيو ته اهڙو تعل??مي نظام جيڪو نبي اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم جي سيرت مان متاثر ٿئي اهو نظام آهي، جيڪو علم جو قدر ڪري، اخلاقي ۽ روحاني ترقيءَ کي هٿي ڏئي، سڀني جي شموليت جي حمايت ڪري ۽ استادن جي اهم ڪردار جو احترام ڪري، انهن اصولن کي اختيار ڪندي اسان هڪ اهڙو تعل??مي نظام تيار ڪري سگهون ٿا جيڪو نه صرف شاگردن کي دنيا ۾ ڪاميابي لاءِ تيار ڪري ٿو پر ان جي روح ۽ ڪردار جي به پرورش ڪري ٿو ۽ کين ذميدار ۽ اخلاق ۽ روحاني طور تي هڪ باخبر فرد بڻجڻ طرف رهنمائي ڪري ٿو.